اسلام آباد: (ڇنڇر 18 جنوري 2025ع)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان هلندڙ مالي سال لاءِ پنهنجي معاشي ترقي جو هدف حاصل نه ڪري سگهندو.
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جي تخميني تي نظرثاني ڪندي ان کي 3.2 سيڪڙو کان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جو هدف هلندڙ مالي سال ۾ حاصل نه ٿيندو، جڏهن ته، ان گذريل سال جي مقابلي ۾ معاشي ترقي جي شرح ۾ واڌ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.
آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 2.5 سيڪڙو هئي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هن مالي سال ۾ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي.
آڪٽوبر 2024 ۾، آءِ ايم ايف موجوده مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جو اندازو 3.2 سيڪڙو لڳايو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language