welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايراني صدر پاران فرانسيسي هم منصب سان رابطو کين خبردار ڪيو ته ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو

تھران:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)ايراني صدر مسعود الپز شڪيان فرانسيسي صدر کي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جي سلامتي خلاف ڪنهن به جارحيت جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني صدر مسعود الپزشڪيان پنهنجي فرانسيسي هم منصب ميڪرون سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب ان دوران ايراني صدر ميڪرون کي خبردار ڪيو ته ايران قومي سلامتي خلاف ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ڪڏهن به خاموش نه رهندو. ايراني صدر چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ مغربي ملڪ واقعي خطي ۾ جنگ بند ڪرڻ چاهين ٿا ته هو اسرائيل کي مجبور ڪن ته هو غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪري، حملا بند ڪري ۽ جنگ بندي قبول ڪري. ٻئي طرف او آءِ سي جو هنگامي اجلاس سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايران حماس جي اڳوڻي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے