ریاض:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)سعودي عرب جو چوڻ آهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جو قتل ايران جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
31 جولاءِ تي تهران ۾ ميزائل حملي ۾ حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه شهيد ٿي ويو هو، هو نئين چونڊيل ايراني صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو هو.
اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان حملي جو الزام ايران تي لڳايو ويو آهي پر اسرائيل اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به بيان ناهي ڏنو.
اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) هڪ گڏيل بيان ۾ غاصب اسرائيل کي اسماعيل هنيه جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي.
ٻئي طرف او آءِ سي اجلاس دوران ڳالهائيندي سعودي نائب پرڏيهي وزير وليد الخورجي چيو ته هو ڪنهن به ملڪ جي خودمختياري ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت کي رد ڪن ٿا ۽ اسماعيل هنيه جو قتل ايران جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته يحيٰ السنور فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي آفيس جو نئون سربراهه بڻجي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language