welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام آباد پوليس جو هيڊ ڪانسٽيبل ڪورين سفارتڪار جي گهر تي ڦر جي الزام ۾ برطرف

اسلام آباد:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)ڪورين سفارتڪار جي گهر ۾ ڦر جي الزام ۾ اسلام آباد پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل کي برطرف ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس موجب ڪورين سفارتڪار جي گهر تي ڦر جي الزام هيٺ هيڊ ڪانسٽيبل محمد طارق کي برطرف انڪوائري ڪميٽي جي سفارش تي ڪيو ويو. آءِ جي آفيس اسلام آباد هيڊ ڪانسٽيبل کي برطرف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪم موجب هيڊ ڪانسٽيبل ٻين اهلڪارن سان گڏ 2 آڪٽوبر 2017 تي ڪورين سفارتڪار جي گهر کي ڦريو هو. حڪم موجب هيڊ ڪانسٽيبل طارق خلاف 2017 ۾ ڪورين سفارتڪار جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. 2017ع ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد طارق تي الزام ثابت ٿيڻ تي کيس نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو هو پر فيڊرل سروسز ٽربيونل مناسب انڪوائري نه ٿيڻ تي کيس بحال ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هيڊ ڪانسٽيبل محمد طارق خلاف نئين انڪوائري ڪئي وئي. آفيسر هيڊ ڪانسٽيبل محمد طارق ۽ ٻين خلاف سخت ڪارروائي ۽ سزا جي سفارش ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے