welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جنرل (ر) باجوه خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گھرجي: شيخ وقاص اڪرم

اسلام آباد:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي جي آجيان ڪئي آهي. میڊيا ۾ ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي جي آجيان ڪندي چيو ته جنرل (ر) باجوه خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته فيض حميد جي گرفتاري سان پي ٽي آءِ جو ڪو به تعلق ناهي، اهو فوج جو اندروني معاملو آهي، جنرل (ر) باجوه نواز شريف سان ڊيل ڪئي هئي ۽ جنرل (ر) فيض جي جاءِ تي هو. پي ٽي آءِ جي باني موجب جيڪڏهن فيض حميد جو 9 مئي ۾ ڪو ڪردار آهي ته اهو سٺو موقعو آهي ته 9 مئي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي ويندي. ياد رهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي حراست ۾ وٺي سندس فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي معاملي تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن تحت فيض حميد خلاف مناسب انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے