welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اپوزيشن اتحاد جو حڪومتي اتحاد سان ڳالهين جو فيصلو

اسلام آباد:(جمعو 02 آگسٽ 2024ع)اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت اتحاد سان رابطن جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، محمد خان اچڪزئي جي قيادت ۾ اپوزيشن اتحاد جلد حڪومتي اتحادين سان رابطو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد طرفان نون ليگ ۽ پ پ سان باظابطا رابطو ڪيو ويندو. ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ڳالهين لاءِ ايندڙ هفتي رابطن جو امڪان آهي، محمود خان اچڪزئي سياسي پارٽين سان رابطا ۽ مشاورت ڪندو. ياد رهي ته اپوزين اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 6 جماعتي اتحاد آهي، اتحاد ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، جماعت اسلامي، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل، سني اتحاد ڪائونسل ۽ وحدت مسلمين شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے