welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪابينا 5 سالن ۾ 24 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(ڇنڇر 03 آگسٽ 2024ع)ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي 5 سالن ۾ 24 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي. نجڪاري ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو درجه بندي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو. پڌرنامي موجب حڪومت نجڪاري ذريعي تجارتي معاملن ۾ وفاق جي مداخلت کي گهٽ ڪندي، وفاق کي صرف اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ايز تائين محدود ڪندي. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته منافع بخش ادارن جي پرائيويٽائيزيشن تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته سرڪاري ادارن جي درجه بندي ڪئي ويندي. بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسٽريٽجڪ کانسواءِ ٻين ايس اوز کي سي سي او پي آڏو رکيو ويندو جڏهن ته او جي ڊي سي ايل جا حصا پيٽروليم ڊويزن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. ان کان علاوه ڪميشن جي مالي سال 25-2024 جي بجيٽ تخميني جي به منظوري ڏني وئي، هلندڙ مالي سال لاءِ ڪميشن جي بجيٽ جو ڪاٿو 8169 ملين رپيا آهي. ذريعن موجب جن ڪمپنين جي نجڪاري ڪئي ويندي انهن ۾ 8 بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون، ڄام شورو جنريشن ڪمپني، پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪمپني، اسٽيٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن ۽ ٽيليفون انڊسٽري شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے