اسلام آباد :(ڇنڇر 03 آگسٽ 2024ع)ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ڊاڪٽر جي نسخي کانسواءِ اينٽي بايوٽڪ دوائن جي وڌندڙ وڪرو جو نوٽيس ورتو آهي.
سي اي او ڊريپ عاصم رئوف سمورن صوبائي صحت کاتي کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي پرچي کانسواءِ وڪرو بند ڪيو وڃي.
عاصم رئوف جو چوڻ هو ته اينٽي بايوٽڪ دوائن جي وڪري لاءِ قانونن ۾ فوري تبديلي ڪئي وڃي، اينٽي بايوٽڪ دوائن جي خلاف بيماري پيدا ڪندڙ مائڪروبس جي مزاحمت وڌي رهي آهي.
سي اي او ڊريپ جو چوڻ هو ته اينٽي بايوٽڪ دوائون سڄي دنيا ۾ هاٽ ڪيڪ وانگر پرڪيپشن تي وڪرو ٿينديون آهن، پاڪستان ۾ به غير ضروري اينٽي بايوٽڪ دوائون ڏيڻ وارن ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
اختيارين موجب پاڪستان ۾ هر سال 135 ارب روپين جون اينٽي بايوٽڪ دوائون وڪرو ڪرڻ لاءِ غير اخلاقي مارڪيٽنگ ڪندڙ فارما ڪمپنين خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language