
راولپنڊي:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)مهانگائي ۽ مهانگي بجلي جي بلن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو 14هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته حڪومت سان ڳالهين جو پنجون دور اڄ شام ٿيندو.
راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جماعت اسلامي جي ڌرڻي جو اڄ 14 هون ڏينهن آهي.
جماعت اسلامي پاران مطالبن جي حق ۾ اڄ مري روڊ تي مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي مذاکراتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور اڄ شام ٿيندو.
امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن انتهائي اهم آهي، اڄ اڳتي مارچ ڪنداسين، جماعت اسلامي قوم کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندي.
هن چيو آهي ته جيڪڏهن هن ڌرڻي ۾ مقصد حاصل ڪيا ويا ته اها شروعات آهي پڄاڻي نه، ان کانپوءِ وڏي جدوجهد ڪنداسين، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، پ پ جي حقن لاءِ تحريڪ هلائينداسين. ماڻهو اڳتي وڌندا.
ان کانسواءِ حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جو چوٿون دور به بنا نتيجي ختم ٿي ويو، آءِ پي پيز جو معاملو به ڳالهين جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ حڪومت جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي بابت مسودو پيش ڪيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي مذاکراتي ڪميٽي حڪومتي مسودي تي خدشن جو اظهار ڪيو.
جماعت اسلامي جي مذاڪراتي ڪميٽي حافظ نعيم الرحمان سان مشاورت کانپوءِ حڪومتي مسودي تي جواب ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جڏهن ته حڪومتي ڪميٽي جي درخواست تي لياقت بلوچ به ڳالهين جاري رکڻ تائين مارچ کي مري روڊ تائين محدود ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language