راولپنڊي: (سومر 01 جنوري 2024ع)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي شيخ رشيد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن.
رٽرننگ آفيسر نذر علي شيخ رشيد کي پنهنجي ڪاغذن تي اعتراضن جون ڪاپيون فراهم ڪيون، جنهن موجب شيخ رشيد پنهنجي اثاثن جا مڪمل تفصيل ناهن ڏنا.
ريٽرننگ آفيسر موجب شيخ رشيد جي اعلان ڪيل اثاثن جي قيمت سيڙپڪاري سان مطابقت ناهي.
شيخ رشيد مري جي ٻيلي کاتي جي ريسٽ هائوس جو بل به ادا نه ڪيو، شيخ رشيد 4 کان 9 سيپٽمبر 2022 تائين ريسٽ هائوس ۾ بغير ادائگي جي رهيو، شيخ رشيد تي 3 لک 22 هزار رپين جو سرڪاري بل آهي.
شيخ رشيد جي نامزدگي ڪاغذن تي به اعتراض اٿاريو ويو آهي ته هن موضع سيال ۾ زمين خريد ڪئي پر ريٽرن ۾ ظاهر نه ڪئي.
رٽرننگ آفيسر موجب شيخ رشيد شفيق پنهنجي زال جا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا، شيخ رشيد شفيق به پنهنجي اثاثن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
واضح رهي ته اين اي 56 تان شيخ رشيد ۽ اين اي 57 تان راشد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language