دوحا: (سومر 01 جنوري 2024ع)نئين سال جي موقعي تي جتي سڄي دنيا ۾ جشن ملهايو ويو، اتي فلسطين ۾ امن جي قيام لاءِ سڄي دنيا ۾ احتجاج پڻ ڪيا ويا
عرب ميڊيا رپورٽن موجب سوئٽزرلينڊ، ترڪي، ملائيشيا، آسٽريليا، تنزانيا، ميڪسيڪو ۽ جرمني سميت دنيا جي 30 کان وڌيڪ ملڪن غزه ۾ جنگبندي ۽ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري کي روڪڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ان کان علاوه سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي هيش ٽيگ Countdown2ceasefire سان هڪ مهم پڻ شروع ڪئي وئي.
لاهور ۾ فلسطيني پرچم کڻي روڊن تي موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي.
بغداد جي التحرير اسڪوائر تي غزه ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪرسمس ٽري کي ڪفن سان سجايو ويو.
ترڪي جي شهر استنبول ۾ آمريڪي قونصل خاني ٻاهران مظاهرين گڏ ٿيا، مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان 2024ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جنهن سال اسان کي غزه ۾ مستقل جنگ بندي جي اميد آهي.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ اسرائيلي بربريت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 21 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 56 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language