اسلام آباد: (سومر 01 جنوري 2024ع)پاڪستان تحريڪ انصاف نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته آئين ڪنهن کي به چونڊ وڙهڻ کان نٿو روڪي، هتي ماڻهن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا آهن، 300 کان وڌيڪ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. رد ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اسان انهن حربن خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف هر قيمت تي اليڪشن وڙهندي، اسان جي اها حڪمت عملي هئي ته هر تڪ مان پنهنجو اميدوار بيهاريو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي پاڻ ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ مان انصاف ملندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language