welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪراچي: (سومر 01 جنوري 2024ع)نئين سال جي موقعي تي شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. رات 12 وڳي نئين سال جي شروعات سان سڄي ملڪ ۾ آتشبازي ۽ جشن شروع ٿي ويو. ڪراچي ۾ به نئين سال جي شروعات هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي سان ڪئي وئي. صدر، لياري، گارڊن، سچل، ڪورنگي، اورنگي، سائيٽ، سرجاني، ملير قائدآباد، گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، بلديا، ڪيمسٽري ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي. سهراب گوڙ، فيڊرل بي ايريا ۽ ڪلفٽن، خواجه اجمير نگري، سر سيد ٽائون، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب نئين سال جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب، هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۾ گرفتار ٿيلن جو انگ 65 ٿي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند چيو ته هوائي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، جنهن ۾ قتل جي ڪوشش جون دفعاتون شامل ڪيون وينديون. واضح رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ نئين سال جون تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي انتظاميا نئين سال جي موقعي تي هر قسم جي آتشبازي جا پرمٽ منسوخ ڪري ڇڏيا هئا. سال. .

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے