
لاھور: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريان 2018 ۾ لاڏلو هاڻ معصوم چئي مڙهيو پيو وڃي. هاڻ اهڙو عمل برداشت نه ڪنداسين.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته لاڏلي کي آر ٽي ايس ويهاري مڙهيو ويو. چونڊون چوري ڪري لاڏلي کي آندو ويو. جڏهن لاڏلي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئي ته هن آئين ٽوڙيو، بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ڪنهن به قسم جي سازش نه هوندي آهي.
هن چيو ته جلسي ۾ سائفر لهرائي سيڪريٽ ايڪٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون. بند ڪمري ۾ چيو ويو ته سائفر معاملي تي سياست ڪرڻي آهي. ڪاغذ لهرائي عوام کي گمراهه ڪيو ويو. سائفر چوري ڪندڙ کي ملڪ سان غداري جو جواب ڏيڻو پوندو.
ليگي اڳواڻ چيو ته جنهن شخص آئين جي ڀڃڪڙي ڪرائي ان کي معصوم چيو پيو وڃي. پهريان 2018 ۾ لاڏلو چيو ويو هاڻ معصوم چئي ملڪ مٿان مڙهيو پيو وڃي. هاڻ برداشت نه ڪنداسين.
اڳوڻي وفاقي وزير پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان اسپتال، اسڪول، جناح هائوس کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڇا اوهان معصوم آهيو؟ 9 مئي جي ڏوهارين کي گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو، ڇا پرڏيهي فنڊنگ ڪندڙ ۽ 9 مئي جو ڏوهاري معصوم آهي؟ 190 ملين پائونڊ جو بند ٿيل لفافو لهرائي پئسا کايو ڇا اوهان معصوم آهيو؟
مريم اورنگزيب چيو ته انهي معصوميت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم کي گهر اماڻيو ويو. عوام نوازشريف ۽ شهباز شريف کي چاهي ٿي. نوازشريف وٽ تجربيڪار ماڻهن جي ٽيم آهي اهو تماشو هاڻ نٿو هلي سگهي، عوام کي سڀ خبر آهي.
ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو جيل ۾ آهي ان تي سنگين الزام آهن ڪو ڏسي رهيو آهي يا نه پيو ڏسي،. 8 فيبروري تي عوام فيصلو ڪندو ته ان کي ڪهڙي قيادت گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language