سانگھڙ: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)سانگهڙ ڀرسان نوابشاهه روڊ ڪوٽ سلطان وٽ انتھائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي
تيز رفتار بس جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنھن ۾ ھڪ ئي گھر جا ٽي ڀاتي فوت ٿي ويا آهن جن جي سڃاڻپ چڪ نمبر ست جي رھواسين طور ٿي آهي.
حادثي دوران فوت ٿي ويلن ۾ عدنان ملڪ، سندس گھرواري زينب فاطمه ۽ سندن معصوم نياڻي موقعي تي فوت ٿي ويون جن جا لاش سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language