welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دعا آهي ته نئون سال پاڪستان سڄي دنيا لاءِ خوشحالي، سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻي: عارف علوي

اسلام آباد: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين سال 2024ع جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم، امت مسلمه ۽ عالمي برادري کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته ايندڙ سال سڄي دنيا سميت پاڪستان لاءِ خوشحالي، سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻي، نئين سال جي شروعات تي اسان فلسطين ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي نه وساريون. فلسطيني عوام مسلسل اسرائيلي فوج جي وحشي حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي. صدر چيو ته عالمي برادري کي غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن ۽ فلسطين ۾ منصفاڻي ۽ پائيدار امن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، بدقسمتي سان ڪشميري عوام قابض ڀارتي فوجن جي ظلمن ۽ ڊگهي محاصري کي منهن ڏئي رهيو آهي. عارف علوي وڌيڪ چيو ته عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڊگھي عرصي کان جاري تڪرارن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، عالمي برادري کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي مطابق حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته مان پاڪستان ۾ معاشي ترقي، بين المذاهب هم آهنگي، درگذر، رواداري ۽ گڏيل احترام جي لاءِ دعاگو آهيان، تڪرار ۽ جنگين کان پاڪ دنيا ٺاهڻ جي اميد ۽ عزم سان ڀليڪار ڪيون ٿا. عارف علوي چيو ته اهڙي دنيا لاءِ ڪم ڪيو وڃي جتي انصاف، امن، خوشحالي ۽ رحم هجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے