welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سال 2023 پاڪستانين لاءِ مهانگو ترين سال ثابت: مهانگائي جي شرح 42.6 سيڪڙو تي رھي

اسلام آباد: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)پاڪستانين جي لاءِ معاشي طور تي سال 2023 مهانگو ترين سال ثابت ٿيو. جنهن دوران مهانگائي جي شرح ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ سال جي اختتام تي مهانگائي جي شرح 42.6 سيڪڙو تي پهچي وئي. هلندڙ سال 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1517 روپين مان وڌي 2 هزار 787 روپين جو ٿي ويو ۽ هڪ ڪلو چانور جي قيمت 127 مان وڌي 226 روپين تائين پهچي وئي. جڏهن ته ڊبل روٽي 84 روپين مان وڌي 115 ۽ گوشت في ڪلو 691 مان وڌي 820 روپين جو ٿي ويو. هلندڙ سال کير جي في ليٽر قيمت 1445 روپين مان وڌي 185 ٿي وئي ۽ ڏهي 168 مان وڌي 215 روپيه في ڪلو جڏهن ته هڪ درجن آنن جي قيمت 253 روپين مان وڌي 340 روپيه ٿي وئي. سال 2023 دوران دالين جي قيمتن ۾ به مهانگيون ٿيون جنهن ۾ مسور جي دال في ڪلو 262 مان وڌي 320 روپيه، مڱن جي دال 246 مان وڌي 276 روپيه، ماش جي دال 366 روپين مان وڌي 520 روپيه ٿي وئي. سال 2023 دوران 90 روپيه في ڪلو ملندڙ کنڊ هاڻ 150 روپين ۾ ملي رهي آهي. جڏهن ته 336 روپيه في ڪلو ملندڙ ٿوم هاڻ 552 روپين ۾ ملي رهي آهي. سگريٽ جي قيمتن ۾ به ٻيڻو اضافو ٿيو ۽ ڪپڙن جي قيمتن کي به پر لڳي ويا. هلندڙ سال جي اختتام تي گذريل سال جي مقابلي 70 گرام وهنجڻ جي صابڻ جي قيمت 87 روپين مان وڌي 105 روپيه ٿي وئي جڏهن ته ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ 250 گرام صابڻ جي قيمت 103 روپين مان وڌي 130 روپيه ٿي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے