welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هرنائي سبي ريلوي سيڪشن 17 سالن کانپوءِ بحال

ھرنائي: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)بلوچستان جي اهم شهر هرنائي جو ريلوي سيڪشن 17 سالن کانپوءِ بحال ٿي ويو، مال بردار ٽرين 21 بوگين سان اچي وئي. بلوچستان جو ضلعو هرنائي وسيلن سان مالا مال علائقو آهي، جنهن جا جبل معدني دولت سان مالا مال آهن، جڏهن ته هي علائقو زرعي شين ۽ ميون جي پيداوار ۾ پڻ مشهور آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ريلوي هرنائي سبي ريلوي سيڪشن کي 17 سالن کانپوءِ بحال ڪري ڇڏيو آهي، لڳ ڀڳ 2 ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو مال بردار ٽرين 21 بوگين سان هرنائي سبي پهچي وئي آهي. harnai_2 رپورٽ موجب ڀاڄين ۽ ميون سميت هزارين ٽن ڪوئلو مال گاڏين ذريعي ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن سپلاءِ ڪيو ويندو ۽ ريلوي کاتي کي ان مان تمام گهڻو پئسو به حاصل ٿيندو. ريلوي سيڪشن جي بحالي سان علائقي جي ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا ۽ علائقو ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے