welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ تي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام،فرد جرم لاڳو

جارجيا: (اڱارو 15 آگسٽ 2023ع)هڪ گرانڊ جيوري اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي جارجيا جي چونڊن ۾ مداخلت جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. خابرو اداري موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس 18 اتحادين تي جارجيا ۾ 2020ع جي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو ويو آهي. هڪ گرانڊ جيوري سومر تي ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم عائد ڪئي ٻڌڻي جي هڪ ڏينهن کانپوءِ جنهن ۾ پراسيڪيوٽرز جارجيا ۾ 2020 جي اليڪشن کي ختم ڪرڻ جي ٽرمپ جي ڪوششن تي ثبوت پيش ڪيا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ خلاف فرد جرم جج رابرٽ ميڪ برني جاري ڪيو، اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف هي چوٿون فوجداري ڪيس آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے