welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي آزادي جو ڏهاڙو دراصل ڪارو ڏينهن آهي، والاريل وادي ۾ شٽر ڊائون هڙتال

سرینگر: (اڱارو 15 آگسٽ 2023ع)ڀارت جي يوم آزادي تي ڪشميرين مودي سرڪار کي سخت جواب ڏنو ۽ والاريل وادي ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي، سرينگر، هنڊوارا ۽ پونڇ سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ نوجوانن پنهنجن گهرن تي ڪارا جهنڊا هنيا. ڀارت جي يوم آزادي جي موقعي تي ڪشميرين مودي حڪومت کان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ نهرو جي واعدن موجب شفاف ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي عمل ڪيو ويو. قابض ڀارتي فوج 1947ع کان وٺي هن وقت تائين 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪي آهي، هڪ لک کان وڌيڪ ٻارڙا يتيم ۽ 23 هزار عورتون بيواهه ٿي چڪيون آهن. ان عرصي دوران قابض ڀارتي فوج 11 هزار کان وڌيڪ ڪشميري عورتن کي اجتماعي زيادتي ۽ 7 هزار کان وڌيڪ ماورائے عدالت قتل ڪيو. ڀارت بدترين رياستي جبر ۽ اونداهي حڪمت عملي باوجود ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ڀارت پاران ڪشمير ۾ بربريت ڪري آزادي جو جشن ملهائڻ سڄي ڀارتي عوام لاءِ سواليه نشان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے