welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوئيٽا: سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ عبدالرزاق شر کي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا: (اڱارو 06 جون 2023ع)ڪوئيٽا ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل عبدالرزاق شر کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب ڪوئيٽا ايئرپورٽ روڊ تي ايڊووڪيٽ عبدالرزاق شر تي نامعلوم هٿياربندن ان وقت فائرنگ ڪئي، جڏهن هو گهر کان بلوچستان هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو هو. فائرنگ جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش سول اسپتال ڪوئيٽا پهچايو ويو، پوليس سرجن موجب عبدالرزاق کي 2 طرفن کان 9 ايم ايم پستول جا نشانا ۽ 15 گوليون لڳيون. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ گهرو وزير مير ضياءَ لانگو آءِ جي پوليس بلوچستان ۽ صوبائي گهرو کاتي جي عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف بلوچستان جي وڪيلن جي تنظيمن ڪوئيٽا سميت صوبي جي ٻين شهرن ۾ عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته وڪيلن طرفان سمورن عدالتن جي بار رومز تي ڪارا جهنڊا پڻ هنيا ويا. پوليس اختيارين موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان بار ڪائونسل حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. عبدالرزاق شر جي قتل جو ذميوار عمران خان آهي: عطاءُ الله تارڙ ٻئي طرف وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ عبدالرزاق شر جي قتل جو ذميوار پي ٽي آءِ چيئرمين کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عطاءُ تارڙ چيو ته عبدالرزاق شر کي نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو، هو غداري ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف درخواست ڏيندڙ هو. چيئرمين پي ٽي آءِ عبدالرزاق جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار آهي، پي ٽي آءِ دهشتگرد گروپ بڻجي چڪي آهي، هاڻي چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے