welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اقتصادي رابطا ڪميٽي 49 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (اڱارو 06 جون 2023ع)اقتصادي رابطا ڪميٽي 49 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حيدرآباد-سکر موٽر وي لاءِ 9.5 ارب رپين جي اسٽيٽ گارنٽي ۽ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي لاءِ 83 ڪروڙ 91 لک رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 12 ڪروڙ 14 لک رپيا ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ناڻي واري وزير ملازمن جي پينشن جي مسئلن جي حل، انساني حقن واري وزارت لاءِ 11.65 ملين رپيا ۽ ڄامشورو ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 9.14 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۾ شامل اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ليويز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ 4 ڪروڙ 70 لک رپيا، گڏيل قومن ۾ امن مشن جي فوجين لاءِ 47 ڪروڙ رپيا ۽ فوجين لاءِ 4 ڪروڙ 95 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سوات سانحي جي شهيدن ۽ زخمين کي. پارلياماني معاملن واري وزارت لاءِ 4 ڪروڙ 84 لک ۽ نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر جي تعمير لاءِ 11 ڪروڙ رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے