welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فرانس ۾ ڌماڪي سبب ٻه عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، 10 ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا

پيرس: (آچر 09 اپريل 2023ع) فرانس جي شهر مارسيل ۾ 2 عمارتون ڪري پئي، 10 ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا. فرانس جي ڏاکڻي شهر مارسيل ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه رهائشي عمارتون ڪري پيون ۽ ٽئين عمارت کي جزوي نقصان پهتو. ڌماڪي کانپوءِ هر طرف دونهون پکڙجي ويو، امدادي ڪارڪن ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳايو پيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے