welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شازيه مري سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان روڪڻ تي ڪاوڙجي پئي

اسلام آباد: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) وفاقي وزير شازيه مري سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان روڪڻ تي ڪاوڙجي پئي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، ان دوران سڀني آفيسرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا ميمبرن جون موبائل فونز به ٻاهر رکرايون ويون. وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وفاقي وزير شازيه مري کي سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان روڪي هينڊ بيگ ۽ ٻيو سامان جمع ڪرائڻ جو چيو ويو، جنهن تي هوءَ واپس هلي وئي ۽ ويندي ويندي چيائين ته منهنجي حاضري نه لڳائي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے