اسلام آباد: (اربع 29 مارچ 2023ع) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پيٽرول تي سبسڊي جي تجويز واري ابتدائي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف 800 سي سي کان گهٽ موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين لاءِ سستو پيٽرول جي حڪومتي اسڪيم تي سخت اعتراض ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف سوال اٿاريو ته ان اسڪيم لاءِ ڪيتري سبسڊي جي ضرورت پوندي؟ اهو ڪٿان ايندو ۽ ان جا ڪيترا صارف هوندا؟ اسڪيم ۾ ڪيترو نقصان ٿيندو؟ آءِ ايم ايف حڪومت کان ان حوالي سان مڪمل پلان طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل رابطا ٿي ويا آهن، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پيٽرول تي نظر ثاني ڪيل سبسڊي پلان ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف غريبن کي وڌيڪ موثر ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language