welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عدالتي فيصلي تي عمل ٿي چڪو، اختلافي نوٽ جو موجوده ڪيس سان واسطو ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: (اڱارو 28 مارچ 2023ع)سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته سُپريم ڪورٽ جي پهرين مارچ واري فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي، اِن معاملي کي ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ڪيو وڃي، ٻن ججز جو اختلافي نوٽ ڏٺو آهي، سندن پنهنجو نقطئه نظر آهي، اختلافي نوٽ جو موجوده ڪيس سان سڌي ريت ڪوبه واسطو ناهي، فيصلو ڪيتري اڪثريت جو هو، اُن جو جائزو پوءِ به وٺي سگهجي ٿو، في الحال سنجيده معاملن تان ڌيان نه هٽايو اٽارني جنرل پهرين مارچ وارو فيصلو پهرين طئه ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته عدالتي فيصلو 4 ٽي جي تناسب سان آيو ته ڪنهن حڪم جو وجود ئي نٿو ٺهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ٿي هجي، عدالت حڪم نه هو ته صدر تاريخ ڪيئن ڏئي پئَي سگهيو، پهرين مارچ واري عدالتي فيصلي کي پهرين طئه ڪيو وڃي چيف جسٽس چيو ته پهرين مارچ وارو حڪم تاريخ ڏيڻ لاءِ هو، اڄوڪو ڪيس تاريخ تبديل ٿيڻ جو آهي، جمهوريت لاءِ چونڊون ضروري آهن، فني بُنيادن تي معاملو خراب نه ڪريو، ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي اختيار هو يا نه، هينئر سوال فيصلي جو نه، پر اليڪشن ڪميشن جي اختيار جو آهي اٽارني جنرل چيو ته موجوده ڪيس ۾ استدعا ئي فيصلي تي عمل جي ٿيل آهي، چيف جسٽس چيو ته بئنچ جا ميمبر درخواست ۾ اُٿاريل سوالن جو جائزو وٺڻ لاءِ ويٺي آهي، توهان وري فني نقطي تي ڀاڙيو ٿا، سُپريم ڪورٽ جو اختيارِي دائرو درخواست تائين محدود ناهي هوندو اٽارني جنرل طرفان پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي تي اعتراض واريندي چونڊن جي ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ فُل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے