welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو عدالت مان واپسي تي قتل

سکر : (اڱارو 28 مارچ 2023ع) سکر ۾ هٿياربندن پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا جوڙو عدالت ۾ حاضري بعد واپس وڃي رهيو هو ته بند روڊ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سندن ڪار روڪي فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب اڪبر سولنگي ۽ سندس زال زينت گڏاڻي ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته سبب نينگري زخمي ٿي پئي مقتول جوڙو پسند جي پرڻي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ويو هو زينت گڏاڻي جي اڳوڻي مڙس مدد علي نڪاح مٿان نڪاح جو الزام هنيو ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کان اڳ عدالتي احاطي ۾ ڌُرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے