ڪراچي: (ڇنڇر 04 مارچ 2023ع) پاڪستان ڪسٽم انفورسمينٽ ڪليڪٽريٽ ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ڪارروائي ڪندي اسمگل ٿيل سامان سان ڀريل بس هٿ ڪري ورتي.
ڪسٽم انفورسمينٽ ڪليڪٽريٽ ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ آغا خان جماعت خواجا وٽ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران اسمگل ٿيل سامان کي بس جي باڊي ۾ خاص طور تي ٺهيل ڳجهي باڪس ۾ لڪايو ويو.
ڪسٽم اختيارين موجب بس جي تلاشي دوران اسمگل ٿيل سگريٽ، سوڊيم گلوٽاميٽ اجينوموٽو، سپاري، گٽڪا ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته سامان جي ماليت 56 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language