welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسان نيٽو اتحاد کي مضبوط ۽ وڌيڪ قابل بڻائي رهيا آهيون: جو بائيڊن

واشنگٽن: (ڇنڇر 04 مارچ 2023ع) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته نارٿ ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (نيٽو) جي اتحادين جي حيثيت سان اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ۽ قابل بڻائي رهيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمني جي چانسلر اولاف شولز واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جنگ، نيٽو اتحاد ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات دوران بائيڊن يوڪرين جي لاءِ جرمني جي فوجي ۽ سياسي حمايت کي ساراهيو ۽ جرمن هم منصب کي ٻڌايو ته هن يوڪرين کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن ۽ هن يوڪرين جي عوام کي فوجي مدد کان علاوه جيڪا اخلاقي مدد ڏني آهي ان کي هميشه ياد رکيو ويندو. آمريڪي صدر دفاعي خرچن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ روس جي تيل ۽ گيس تي انحصار کان هٽي ڪري توانائي جي فراهمي کي متنوع ڪرڻ تي جرمني جي به ساراهه ڪئي. ان موقعي تي جرمن چانسلر اولاف شولز يوڪرين لاءِ مغربي حمايت برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي انتهائي اهم سال آهي ڇو ته روس جي يوڪرين تي حملي سان امن کي خطرو آهي. جرمن چانسلر ڪيوف کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ ٽرانس اٽلانٽڪ تعاون جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مان سمجهان ٿو ته اهو پيغام موڪلڻ تمام ضروري آهي ته اسان يوڪرين جي مدد ڪندا رهنداسين جيستائين ضروري هجي. ٻئي طرف آمريڪا يوڪرين لاءِ 400 ملين ڊالرن جي نئين فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ٽينڪن کي منتقل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي پل شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے