واشنگٽن: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هو روس ۽ يوڪرين تڪرار کي 24 ڪلاڪن اندر ختم ڪرائي سگهي ٿو.
ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ اهو نه ٻڌايو ته جنگ ڪيئن ختم ٿيندي پر هن چيو ته هو امن ڳالهين جي صدارت ڪندي اھو ٻڌائيندو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن 2024ع جي صدارتي چونڊن جي پڄاڻي تائين جنگ ختم نه ٿي ۽ هو ٻيهر وائيٽ هائوس ۾ چونڊجي ويو ته هو هڪ ڏينهن اندر امن معاهدو ڪرائيندو.
هن دعويٰ ڪئي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن، يوڪرين جي زلينسڪي ۽ پاڻ وچ ۾ ڳالهيون آسان ٿي وينديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language