پشاور: (خميس 05 جنوري 2023ع) خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته طالبان خيبرپختونخواهه ۾ حملا ۽ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنگ بندي تان دستبردار ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ سندن ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن.
ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته هن وقت ڳالهيون معطل آهن، جنگ بندي ناهي.
هن چيو ته آگسٽ کانپوءِ طالبان سان ڳالهين جو عمل ڊيڊ لاڪ ٿي ويو، هن وقت ڳالهيون به معطل آهن ۽ جنگ بندي به ناهي.
ياد رهي ته گهرو وزير ٻڌايو آهي ته دهشتگردي خلاف صفر برداشت جو فيصلو قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن ۾ سٺي ۽ خراب جو فرق نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته سڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس جو اظهار ڪيو ۽ ڳالهين بدران دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي سوچ جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language