welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لاٿ برقرار

نيويارڪ : (ڇنڇر 10 ڊسمبر 2022ع) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه معمولي تبديلين سان مستحڪم رهيا. سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. آمريڪي خام تيل 8 سينٽ جي گهٽتائي سان 71.38 ڊالر في بيرل تي طئي ٿيو، جڏهن ته برطانوي خام تيل 39 سينٽ جي واڌ سان 76.62 ڊالر في بيرل تي آباد ٿيو. سون جي قيمت ۾ 8 ڊالر 18 سينٽ جو اضافو ٿيو جنهن کانپوءِ في اونس جو اگهه 1 هزار 797 ڊالر 32 سينٽس ٿي ويو. چاندي جو اگهه 47 سينٽ وڌي 23.72 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ هفتي جي آخري ڏينهن تي مندي واري سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي. ڊو جونز انڊيڪس 302 پوائنٽس گم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس 33 هزار 476 پوائنٽس تي بند ٿيو. ناس ڊيڪ ڪمپوزٽ انڊيڪس 77 پوائنٽن جي نقصان کان پوءِ انڊيڪس 11,044 پوائنٽس تي بند ٿيو. ايس اينڊ پي 500 انڊيڪس 29 پوائنٽس ڪري 3,934 پوائنٽن تي پهچي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے