ڪراچي : (ڇنڇر 10 ڊسمبر 2022ع) سينيٽر اعظم سواتي عدالتي حڪم باوجود آزاد نه ٿي سگهيو. سنڌ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي پوليس ٽيم اعظم سواتي کي ڪوئيٽا مان گرفتار ڪري سنڌ وٺي وئي. اعظم سواتي کي رات دير سان قمبر شهدادڪوٽ آندو ويو. اعظم سواتي جي ٽوئيٽ تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن ٿاڻن نصيرآباد ۽ واڙي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ پڻ اعظم سواتي خلاف سول لائن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي خلاف ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن پوليس کي هڪ ڪيس ۾ پنج ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي به ڇنڊڇاڻ ڪئي. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي پاڪستان جي سينيٽر جا انساني حق آهن، سپريم ڪورٽ اعظم سواتي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي، سنڌ جي وڏي وزير جو جهاز اچي سنڌ پوليس حوالي ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language