welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪڏھن ڪنھن به ملڪ روس تي حملو ڪيو ته ان کي نقشي مٽائي ڇڏبو: پوتن

ماسڪو: (جمعو 09 ڊسمبر 2022ع) روسي صدر ولاديمير پيوٽن دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ روس تي ايٽمي حملو ڪيو ته ان کي زمين تان صفا ڪري ڇڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب پيوٽن واضح ڪيو آهي ته روس جا جديد هائپرسونڪ هٿيار ڪنهن به اهڙي ملڪ خلاف جوابي ڪارروائي ڪندا جيڪو روس تي ايٽمي حملي جي جرئت ڪندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ روس تي ايٽمي حملي جي جرئت ڪئي ته ان کي نقشي تان هٽائي ڇڏيو ويندو. ان کان علاوه يوڪرين ۾ جنگ جي حوالي سان صدر پيوٽن چيو ته تازو ڀرتي ٿيل 150,000 فوجي يوڪرين ۾ ويڙهه لاءِ منتظر آهن پر هن فوري طور تي يوڪرين ۾ اضافي فوج موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب روسي صدر وڌيڪ چيو ته روس تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن به ملڪ کي تيل وڪرو نه ڪندو جيڪو مغربي قيمتن تي روسي تيل خريد ڪرڻ تي اصرار ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے