welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گوگل جو پاڪستان ۾ رابطا آفيس کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (جمعو 09 ڊسمبر 2022ع) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته عالمي سرچ انجڻ گوگل پاڪستان ۾ رابطا آفيس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان سيد امين الحق چيو ته گوگل آفيس جو قيام پاڪستاني صارفين لاءِ اهم سنگ ميل هوندو، گوگل ايشيا پيسفڪ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان سان رجسٽرڊ ٿي چڪو آهي، اختيارين سان رابطا جاري آهن، وفد ٻئي هفتي ڊسمبر ۾ پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، گوگل وفد سان ملاقات ۾ پاليسين، صارفين جي مسئلن، حڪومتي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته گوگل آفيس يوٽيوب سميت گوگل جي سمورن ايپليڪيشنن سان لاڳاپيل مسئلن جي نگراني ڪندو، گوگل جي اشتهارن سان لاڳاپيل مسئلن تي صارفين کي فوري جواب ملي سگهندا، گوگل کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت کان مڪمل سهڪار حاصل هوندو. . وفاقي وزير چيو ته ٽڪ ٽاڪ پاڪستان ۾ به پنهنجي رابطا آفيس کولڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، اميد آهي ته فيس بڪ به ان حوالي سان پنهنجو فيصلو جلد جاري ڪندي، ٽڪ ٽاڪ ان حوالي سان ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. پاڪستان ۾ فيس بڪ مانيٽائيزيشن پروگرام جو آغاز پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنگاپور ۾ ميٽا (فيس بڪ) جي ايشيا پيسفڪ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستان ۾ مانيٽائيزيشن لاءِ اسٽارس پروگرام جو آغاز ڪيو. اميد آهي ته پروگرام پاڪستان جي ميٽا مواد ڊولپرز جي وڌندڙ تعداد لاءِ هڪ قيمتي اوزار طور ڪم ڪندو ته جيئن نوجوان انٽرپرينئرز کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ڪري. پرڏيهي وزير جيڪو پنهنجي سنگاپور جي هم منصب جي دعوت تي سنگاپور جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، ان کان اڳ صدر حليمه يعقوب سان ملاقات ڪئي ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ووين بالڪرشنن سان ناشتو ڪيو. صدر يعقوب ۽ پرڏيهي وزير بالاڪرشنن سان ملاقاتن دوران پرڏيهي وزير سنگاپور سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو ايشيان ۾ اهم پارٽنر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي هٿي وٺرائڻ، اعليٰ سطحي دورن جي تبادلي ۽ عوام کان عوام جي رابطن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون کي هٿي وٺرائڻ، اقتصادي تعاون ۽ زراعت، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل فنانس جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ تي اتفاق ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے