اسلام آباد: (جمعو 09 ڊسمبر 2022ع) اسلام آباد جي علائقي چک شهزاد ۾ سينيٽر اعظم سواتي جو فارم هائوس سيل ڪيو ويو آهي.
سي ڊي اي بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ اعظم سواتي جي گهرواري کي گذريل مهيني نوٽيس موڪليو هو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته فارم هائوس ۾ 2 بيسمينٽ، گرائونڊ فلور ۽ گارڊ روم غير قانوني طور ٺاهيا ويا آهن.
هاڻي اعظم سواتي جو چک شهزاد ۾ فارم هائوس سيل ڪيو ويو آهي ۽ فارم هائوس کي سي ڊي اي بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ سيل ڪيو آهي.
اعظم سواتي جو فارم هائوس بلڊنگ رولز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيو ويو.
واضح رهي ته اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس گرفتار ڪيو هو پر هاڻي کيس سنڌ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language