welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي سينيٽر جي گهر ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري چاقو سان پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو

هوسٽن: ( اربع 07 ڊسمبر 2022ع ) آمريڪي سينيٽر ٽيڊ ڪروز جي گهر ۾ 14 سالن جي ڇوڪري پاڻ کي چاقو سان وار ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق آمريڪي شهر هوسٽن ۾ اڱاري جي رات سينيٽر ٽيڊ ڪروز جي گهر مان ايمرجنسي ڪال ملڻ تي پوليس پهچي وئي ۽ نوجوان ڇوڪري کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جو هٿ چاقو سان ڪٽيو، کيس اسپتال پهچايو ويو، پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. رپورٽن مطابق آمريڪي سينيٽر کي 2 ڌيئرون آهن جن جي عمر 14 ۽ 11 سال آهي پر پوليس زخمين جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي آهي. سينيٽر جي ترجمان چيو ته اهو خانداني معاملو آهي ۽ سندس ڌيءَ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ واقعي ۾ سخت زخمي ناهي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے