ڪراچي : اربع 03 آگسٽ 2022ع : مشهور پاڪستاني اداڪارا نيلم منير پنهنجي نئين هيئر ڪٽ جون تصويرون شيئر ڪيون آهن جن کي مداحن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي.
نيلم منير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون ۽ هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ هڪ سيلون ۾ نظر اچي رهي آهي.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا پنهنجي وارن کي سنهري رنگ ڪيو آهي.
تصويرن جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته منهنجو نئون وار ڪٽ ۽ رنگ سٺو لڳي رهيو آهي.
واضح رهي ته ناليواري اداڪارا ڊراما سيريل ’ڪهين ديپ جلي‘، ’چاڪر‘، ’قيامت‘، ’پيار دونگي هي‘ ۽ ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language