welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بغاوت ڪيس: شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد: اڱارو 30 آگسٽ 2022ع : ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد جي سيشن عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جوابدار شهباز گل تي ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي ۽ ڪوهسار ٿاڻي ۾ مئجسٽريٽ جي شڪايت تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ اسپيشل پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. جوابدارن جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته مدعي سٽي مئجسٽريٽ شهباز گل تي بغاوت جو الزام هنيو آهي، ٽرائل کانپوءِ وڌيڪ 5 جوابدارن جا نالا بيان قلمبند ڪيا ويا، شهباز گل ڪڏهن به بغاوت جو ناهي سوچيو. شهباز گل جي وڪيل چيو ته ٽرانسڪرپٽ جا مختلف هنڌن تان نقطا اٿاريا ويا، سڄي بيان ۾ ڪٿي نه ڪٿي غلط فهمي پيدا ٿي آهي، شهباز گل ان غلط فهمي دور ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل چيو ته شهباز گل جو ڪو به قصور ناهي، اسان جي جان اسان جي محافظن لاءِ قربان آهي، شهباز گل اهڙي ٽوئيٽ تي سزا جو مطالبو ڪيو هو، جنهن کي بغاوت چيو ويو، اهو ڪٿي آهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته شهباز گل پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي، کيس 3 ڀيرا آمريڪا جي بهترين پروفيسر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي، همت آهي ته غدارن کي اُڇلايو، شهباز گل فوج کي اسان جي سر جو تاج چيو آهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي انهن شهيدن جي خلاف آهي، شهباز گل جيڪو چيو اهو فوج خلاف ناهي، هن چيو ته ٻڌاءِ ته ڇا ٿي رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے