welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 مبينا دهشتگرد گرفتار

لاڙڪاڻو: اڱارو 30 آگسٽ 2022ع : سي ٽي ڊي لاڙڪاڻو ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب سي ٽي ڊي جيڪب آباد روڊ تي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان ڌماڪيدار مادو، 12 نان اليڪٽريڪل ڊيٽونيٽر، بال بيرنگ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار ٿيلن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بي آر جي سان آهي، ترجمان چوڻ مطابق جوابدارن جاچ دوران ڪيترائي انڪشاف ڪيا. ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار عبدالحميد 2011ع ۾ تفتان ۾ افغان ٽرينرز کان ٽريننگ ورتي، ٽريننگ ڪيمپ ۾ افغان ٽرينرز اڳ ئي موجود هئا. سي ٽي ڊي وڌيڪ ٻڌايو ته عبدالحميد تفتان کان گوليون ۽ بارودي مواد جيڪب آباد اسمگل ڪيو ۽ ڊسمبر 2021ع ۾ نامعلوم ماڻهن بارودي مواد جيڪب آباد پهچايو. جوابدار انڪشاف ڪيو ته جنوري 2022 ۾ ٻه گرنيڊ ڪوٽ نيم الفا کي فراهم ڪيا ويا ۽ هڪ گرنيڊ مارچ 2022 ۾ بابوا کي ڏنو ويو. سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته عثمان بابوا 25 جون 2022 تي جيڪب آباد دستي بم ڌماڪي ۾ ملوث آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار اسماعيل ڪيترن ئي دهشتگردي ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث آهي. سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار تفتان مان ڌماڪيدار مادو ٺاهڻ، آءِ اي ڊيز ۽ ايم سي آئي ايز ٺاهڻ جي تربيت حاصل ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے