ڪراچي : آچر 19 جون 2022ع :پ پ اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل سان لاڳاپن يا واپار ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري.
تازو هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اسرائيل بابت بيان جي وضاحت ڪندي سليم مانڊوي والا چيو ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو.
پ پ اڳواڻ چيو ته اسرائيل آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي.
هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي ۽ پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، پارليامينٽ اندر به رڪارڊ تي موقف آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪيو وڃي.
”منهنجو واضح موقف آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪيو وڃي،“ مانڊوي والا چيو، فلسطينين خلاف اسرائيلي ظلمن تي دنيا جي خاموشي ”پريشان ڪندڙ“ آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ سليم مانڊوي والا چيو هو ته ڏسڻو پوندو ته اسرائيل سان معاملو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي يا نه، ماڻهو اسرائيل تي تنقيد ڪن ٿا، اسان کي پنهنجو مفاد ڏسڻو آهي.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملڪ سان ڳالهيون يا واپار بند نه ٿيڻ گهرجي، وچ اوڀر جا سمورا ملڪ اسرائيل سان ڳالهيون ۽ واپار ڪري رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language