welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڇا ملڪ ۾ ڪرونا جي نئين ويريئنٽ بي اي 5 پھچي وئي؟

اسلام آباد : آچر 19 جون 2022ع : ملڪ ۾ ڪورونا جي نئين ويرينٽ بي اي فائيو جي تصديق ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر عروج تي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.77 کان وڌي وئي آهي. ٻئي طرف ڪورونا اوميڪرون بي اي فائيو جو نئون ويرينٽ به سامهون اچي ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان هن وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب اوميڪرون جي نئين ويرينٽ بي اي فائيو جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ڏکڻ ۽ سينٽرل ضلعن ۾ ڪيسن جو انگ وڌيڪ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم Omecron قسم BA5 (BA.5) تيز ترين پکڙجڻ وارو وائرس آهي. ڪورونا جي وبا نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۽ يو اي اي کان علاوه يورپ جي مختلف ملڪن ۾ به ٻيهر پکڙجي رهي آهي. 19 جون تي جاري ڪيل سرڪاري انگن اکرن موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾، ڀارت ۾ ڪرونا جا اٽڪل 9,000 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي چئن مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. متحده عرب امارات ۾ گذريل ڏينهن 1400 کان وڌيڪ ڪورونا جا مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. يورپ ۽ ايشيا ۾ به ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، سويڊن جي صحت واري وزارت گندي پاڻي جي چڪاس کانپوءِ ڪورونا وبا جي نئين لهر جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. سويڊن جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اوميگا ڪرون جا ٻه نوان قسم، بي اي 5 ۽ بي اي 4، سيوريج جي پاڻي ۾ سامهون آيا آهن. omicron جا ٻئي قسم اڳي کان وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجن ٿا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے