اسلام آباد : آچر 19 جون 2022ع : وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اڳوڻي چيئرمين خالد محمود ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب ملاقات دوران بيوروڪريسي، ڪرڪيٽ معاملن، چيئرمين پي سي بي جي تبديلي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪرڪيٽ بورڊ ۾ فوري تبديليءَ جو ڪو به اشارو نه ڏنو ۽ چيو ته هاڻي ڪيترائي معاملا آهن ۽ ان لاءِ وقت ناهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ مختلف نالن تي غور ڪيو ويو پر چيئرمين جي تبديلي تي فوري عمل ناهي ٿي رهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي چيئرمين شپ لاءِ نجم سيٺي، خالد محمود ۽ ذڪا اشرف جي نالن تي غور ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language