اسلام آباد : جمعو 24 جون 2022ع : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهيا آهن ۽ مثبت شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.
نيشنل هيلٿ سروس موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 9 سئو 41 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3 سئو 9 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي پر ڪو به فوتگي ناهي ٿيو.
ڪراچي : سنڌ جي صحت کاتي موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.05 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 1.91 سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ 2.30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪوئيٽا ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.92 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language