اسلام آباد : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ساراهه ڪرڻ بدران ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) جي ساراهه ڪئي آهي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ گذريل ڏينهن جي ميچ تي تبصرو ڪندي شهريار آفريدي ٽوئيٽر تي لکيو ته جيسن راءِ جي اننگز سنسني خیز هئي.
شهريار آفريدي محمد نواز جي تعريف ڪندي لکيو ته هو ورلڊ ڪلاس آل رائونڊر بڻجي رهيو آهي.
ان موقعي تي هن ڪوئيٽا پاران وڏي هدف جو ڪاميابي سان دفاع ڪرڻ تي پي ايس ايل جي واکاڻ ڪئي، پر هن پي ايس ايل بدران ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) لکڻ جو چيو.
شهريار آفريدي جي ٽوئيٽ تي صارفين طرفان تنقيد جو سلسلو جاري آهي ۽ صارفين غلطين جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language