سکر : (سومر 20 ڊسمبر2021ع) انسانيت جي مدد ڪندڙ سماجي تنظيم ايڌي سکر پاران هڪ سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ھلندڙ سال پنجن ضلعن ۾ 460 روڊ حادثن ۾ 262 انسانيون ضايع ٿي ويون
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روڊ حادثن ۾ 639 مسافر زخمي ٿيا، ايڌي جي 10 سينٽرن کي 94 لاوارث ميتون مليون، سال 2021ع دوران 121 ڄڻن جي گشدگي رپورٽ داخل ٿي
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيلن مان 43 ڄڻن جي ھٿ اچڻ تي کين وارثن حوالي ڪيو ويو، ايڌي سکر سينٽر جي حد ۾ 203 روڊ حادثيا ٿيا، جنھن مان 112 فوت ۽ 235 مسافر زخمي ٿيا
سکر، نوابشاھ، خيرپور، پنوعاقل، ڪنڊيارو ۾ قائم ايڌي سينٽرن جي رپورٽ پڌري ڪئي، نوشھروفيروز، مورو، قاضي احمد ۽ سانگھڙ سينٽرن به حادثن سميت لاڳاپيل اکر جاري ڪيا، 4668 مريضن کي مختلف اسپتالن مان مفت ايمبولينس سروس ڏئي گھرن تائين پھچايو ويو
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 3452 مختلف اسپتالن ۾ فوت ٿيل شھرين جون ميتون مفت گھرن تائين پھچايون ويون، ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جا لاش غسل ۽ ڪفن بعد آئيسوليشن وارڊ مان گھرن ڏانھن مفت پھچايا ويا، جڏهن ته نوابشاھ ۾ 09 ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ميتن کي گھرن تائين پھچايو
0 تبصرے
Do not use vulgar language