اسلام آباد:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊسڪو صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 79 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊسڪو صارفين لاءِ بجلي جي شرحن ۾ گهٽتائي جولاءِ جي مهيني جي فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪئي وئي.
فيصلي موجب، هي گهٽتائي سڀني ڊسڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو ٿيندي، پر لائف لائن، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو نه ٿيندي.
نوٽيفڪيشن موجب، بجلي جي صارفين کي سيپٽمبر جي بلن ۾ رليف ملندو، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جولاءِ جي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ روپيو 69 پئسا في يونٽ جي گهٽتائي جو مطالبو ڪيو هو.
فيول ايڊجسٽمينٽ جي صورت ۾ بجلي سستي ڪرڻ سان، صارفين کي تقريبن 24.5 ارب رپين جو رليف ملندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language