welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي گهرو وزيرن جي موبائل سم ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد:(سومر 08 سيپٽمبر 2025ع)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي موبائل سمن جي ڊيٽا ليڪ جي حوالي سان نشر ٿيندڙ خبرن جو فوري طور تي نوٽيس ورتو. قومي سائبر ڪرائمز جاچ ايجنسي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايتن تي هڪ خاص جاچ ٽيم ٺاهي آهي. جاچ ٽيم ڊيٽا ليڪ جي معاملي جي هر پهلوءَ کان جاچ ڪندي، ڊيٽا ليڪ ۾ ملوث عنصرن جي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته جاچ ٽيم 14 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. رپورٽ موجب سرڪاري شخصيتن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ وفاقي وزيرن جي موبائل سمن جو سمورو ڊيٽا انٽرنيٽ تي کليل طور تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. گهرو وزير محسن نقوي کان وٺي چيئرمين پي ٽي اي تائين سڀني شخصيتن جي سم جي تفصيل، سڃاڻپ ڪارڊ جون تصويرون، ڪال ڊيٽا رڪارڊ ۽ مقام جي تفصيل گوگل ۽ مختلف ويب سائيٽن تي سستي اگهن تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. خبر جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل سائبر ڪرائمز جاچ ايجنسي کي هدايتون جاري ڪيون ۽ جاچ لاءِ 14 رڪني ڪميٽي ٺاهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے