welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس، چين پاران غزه تي اسرائيلي قبضي جي مخالفت جو اعلان

نيويارڪ:(سومر11 آگسٽ 2025ع)چين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ هنگامي اجلاس ۾ غزه تي اسلامي قبضي جي منصوبي جي مخالفت ڪئي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾، گڏيل قومن جي عملدارن، جن ۾ برطانيه، فرانس ۽ ٻيا ملڪ شامل هئا، غزه تي اسرائيلي قبضي کي وڌيڪ خونريزي، تباهي ۽ انساني الميي جو سبب قرار ڏنو. چيني وفد، سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته چين غزه تي اسرائيلي قبضي جي ڪنهن به ڪوشش جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، ته غزه فلسطينين جو آهي ۽ غزه فلسطيني علائقي جو هڪ لازمي حصو آهي. چيني مندوب وڌيڪ چيو ته اهي غزه جي جاگرافيائي ۽ علائقائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به قدم کي رد ڪن ٿا، ۽ فوري طور تي جنگ بندي غزه جي ماڻهن جي زندگين جي حفاظت ۽ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو واحد طريقو آهي. ٻئي طرف، پاڪستاني مندوب عاصم افتخار چيو ته اسرائيل جو غزه تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو اشتعال انگيز آهي، وزيراعظم اسرائيلي منصوبي جي مذمت ڪئي آهي، غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلم فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجن، ۽ عالمي برادري کي غزه ۾ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه، گڏيل قومن ۾ آمريڪي مندوب سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي غزه ۾ امن لاءِ آمريڪي ڪوششن کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے