
اسلام آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين، بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان 9 مئي جي واقعن جي سخت مذمت ڪري چڪا آهيون، اهو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ مستقبل ۾ به اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر تصديق ڪئي ته اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي چيف جسٽس سان ملاقات لاءِ فون آيو هو، پر ان وقت عمر ايوب موجود نه هو، ملاقات بابت اڃا واضح ناهي ته ڇا ٿيندو، پر اهو ممڪن آهي ته چيف جسٽس سندن خط بابت وضاحت وٺڻ چاهيو هجي.
هن واضح ڪيو ته عمر ايوب طرفان چيف جسٽس سان ملاقات جي ڪا درخواست نه هئي، نه ئي ڪنهن پيغام موڪليو وي، چيف جسٽس جي طرفان رابطو ڪيو ويو هو، جنهن جو امڪان اڳ به رهيو آهي، جيئن اڳ ۾ به اهڙيون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن.
بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته عمر ايوب وڏي پارٽي جو اپوزيشن ليڊر آهي، جيڪڏهن عمر ايوب سان رابطو ڪيو ويو ته ان ڳالهه ۾ ڪا خرابي يا غير مناسب ڳالهه نه آهي ته چيف جسٽس کي عمر ايوب جو خط مليو هو ۽ شايد هو ان بابت معلومات وٺڻ چاهيندو هو.
هن چيو ته جيڪڏهن فيصلا تڪڙا نه ٿين ها ته شايد صورتحال مختلف هجي ها، عمر ايوب اڄ به اپوزيشن ليڊر آهي ۽ سڀاڻي به رهندو، کيس جيڪا سزا ملي آهي، اها مڪمل طور تي ناجائز ۽ غلط آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته اهڙي قسم جو انصاف نه هجڻ گهرجي، انصاف صرف ٿيڻ نه پر نظر اچڻ به گهرجي، 9 مئي جي واقعن جي آڙ ۾ پوري سياسي جماعت کي سزا ڏيڻ نه گهرجي، نه ئي ان بهاني سياسي نظام کي تباھه ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن، فيصل آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت 9 مئي سان لاڳاپيل ٽن الڳ ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب، شبلي فراز سميت 196 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون.
9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ عدالت 168 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ڏنيون، جڏهن ته حساس اداري تي حملي واري ڪيس ۾ 185 مان 108 جوابدارن کي سزا ملي، باقي کي بري ڪيو ويو، ٽئين ڪيس ۾ 28 ماڻهن کي سزا ملي ۽ 4 کي بري ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language